Posts

Showing posts from April, 2024

بادشاه جا ڏه جنگلي ڪتا

هڪ بادشاهه وٽ ڏهه جهنگلي ڪتا هئا جيڪڏهن ڪو نوڪر غلطي ڪندو ھو ت انھـن تي جنھگلي ڪتن جي بڇ ڪئي ويندي هئي نوڪرن مان هڪ نوڪر بادشاه کي غلط را۽ ڏني جنهن تي بادشاه کي تمام گهڻي ڪاوڙ لڳي  بادشاه حڪم ڪيو ته هن تي ڪتن جي بڇ ڪئي وڃي  نوڪر بادشاه کي عرض ڪيو ته مونکي ڏھ ڏينهن جي مهلت ڏني وڃي ان کان پو۽ ڀلي ڪتن جي بڇ ڪئي وڃي   بادشاه راضي ٿي ويو  نوڪر ڪتن جي پاليندڙ  محافظ وٽ ويو ۽ ان کي چيائين ته مونکي ڏه ڏينهنن تائين ڪتن جي خدمت ڪرڻ ڏيو ڪتن جو محافظ کيس حيرانگي مان ڏسڻ لڳو پر راضي ٿي ويو    نوڪر ڪتن جي خدمت ڪرڻ لڳو انهن جي کائيندو کارائڻ صفائي سٿرائي مطلب هر سهولت فراهم ڪرڻ لڳو  جڏهن ڏھ ڏينهن پورا ٿيا ته بادشاه ان نوڪر کي سزا ڏيڻ جو حڪم ڏنو ته ان تي ڪتن جي بڇ ڪئي وڃي  جڏهن ان نوڪر تي ڪتن جي بڇ ڪئي وئي ته سڀ ماڻهو حيران ٿي ويا ڪتا حملو ڪرڻ بجا۽  صرف ان ماڻهو جا پير چٽيندا رهيا      بادشاه اهو سڀ ڏسي حيرت مان چيو منهنجي ڪتن کي ڇا ٿي ويو آ    نوڪر جواب ڏنو .مان ڪتن جي صرف ڏهه ڏينهن خدمت ڪئي ته ڪتا منهنجي خدمت نه وسار...