Sindhi Kahani ڪھاڻي
هڪ قبرستان ۾، هڪ شخص رات جي وقت ڳجهي طور تي لاش سان بيحرمتي ڪئي. ان وقت جو بادشاهه هڪ نيڪ ماڻهو هو، خواب ۾ هڪ شخص سفيد پوشاڪ ۾ آيو ۽ کيس چيائيس ته قبرستان ۾ فلاڻي ماڻهوءَ اهڙو گناهه ڪيو آهي، ۽ حڪم ڏنائين ته هن زناڪار کي فوري طور تي بادشاهه جي درٻار ۾ آڻي ۽ کيس خاص صلاحڪار جي عهدي تي مقرر ڪيو وڃي بادشاهه جڏهن ان جو سبب معلوم ڪرڻ چاهيو ته خواب هڪدم ٽڙي ويو ۽ بادشاھ ۾ گم ٿي ويــو بھرحال بادشاهه پنھنجا سپاھي ان قبرستان ڏانھن موڪـليا ته اھو شخص اتي واقعي موجود ھيـــو سپاهين کي ڏسي هو پريشان ٿي ويو ۽ سمجهيائين ته سندس موت جو وقت اچي ويو آهي .کيس سپاھين ھن کي بادشاهه جي آڏو پيش ڪيو بادشاهه کيس پنهنجو گناهه ٻڌايو ۽ چيو: اڄ کان تون منهنجو خاص صلاحڪار آهين. ٻئي رات بادشاهه کي ساڳيو سفيد پوشاڪ شخص خواب ۾ آيو. پوءِ بادشاهه فوري طور ان کان سبب پڇيو ته هڪ زناڪار کي خاص صلاحڪار مقرر ڪرڻ لا۽ آخر ڇو چيو ويو سفيد پوشاڪ واري شخص چيو ته الله تعالىٰ کي ان جو گناھ تمام برو لڳو ليڪن ان جي موت جو وقت اڃان پري...