Sindhi Kahani ڪھاڻي
هڪ قبرستان ۾، هڪ شخص رات جي وقت ڳجهي طور تي لاش سان بيحرمتي ڪئي.
ان وقت جو بادشاهه هڪ نيڪ ماڻهو هو، خواب ۾ هڪ شخص سفيد پوشاڪ ۾ آيو ۽ کيس چيائيس ته قبرستان ۾ فلاڻي ماڻهوءَ اهڙو گناهه ڪيو آهي،
۽ حڪم ڏنائين ته هن زناڪار کي فوري طور تي
بادشاهه جي درٻار ۾ آڻي ۽ کيس خاص صلاحڪار
جي عهدي تي مقرر ڪيو وڃي
بادشاهه جڏهن ان جو سبب معلوم ڪرڻ
چاهيو ته خواب هڪدم ٽڙي ويو ۽ بادشاھ ۾ گم ٿي ويــو
بھرحال بادشاهه پنھنجا سپاھي ان قبرستان ڏانھن موڪـليا ته اھو شخص اتي واقعي موجود ھيـــو
سپاهين کي ڏسي هو پريشان ٿي ويو ۽ سمجهيائين ته سندس موت جو وقت اچي ويو آهي
.کيس سپاھين ھن کي بادشاهه جي آڏو پيش ڪيو
بادشاهه کيس پنهنجو گناهه ٻڌايو ۽ چيو:
اڄ کان تون منهنجو خاص صلاحڪار آهين.
ٻئي رات بادشاهه کي ساڳيو سفيد پوشاڪ شخص خواب ۾ آيو.
پوءِ بادشاهه فوري طور ان کان سبب پڇيو ته هڪ زناڪار کي خاص صلاحڪار مقرر ڪرڻ لا۽ آخر ڇو چيو ويو
سفيد پوشاڪ واري شخص چيو ته الله تعالىٰ کي ان جو گناھ تمام برو لڳو ليڪن ان جي موت جو وقت اڃان پري آھي ان لا چيو ويو ته ان کي مشير خاص مقرر ڪيو وڃي ته جيين دنياوي عيش و عشرت ۾ مشغول ٿي وڃي ۽ پنهنجي گناهن کان الوداع ٿي معافي نه گهري
ڇو ته ان جي سزا آخرت ۾ مقرر ڪئي وئي آهي.
هو مرڻ گهڙيءَ تائين عيش عشرت ۾ غرق رهندو، ۽ نه رڳو ايترو پر خوش به هوندو ته جنهن گناهه جي کيس سزا ملڻ گهرجي ها،
تنهن ۾ کيس بلند مقام حاصل ڪري ورتو آهي.
تنهن ڪري مقصد هن کي گمراهه ڪرڻ هو.
اے ناداں!
جڏهن گناهه ڪرڻ آسان لڳن ته سمجهڻ گهرجي ته آخرت خراب ٿي وئي آھي. ۽ توبه جا دروازا بند ڪيا ويا. آھن
ڇا اڄ ائين ناهي؟
بار بار اسان کي گناهه ڪرڻ جو موقعو ملي ٿو ۽ اسان ان کي ڪيتري آساني سان حاصل ڪريون ٿا اسان سمجھو ٿا پڪڙ ۾ نه اچي سگهندا آهيون. ۽ عيش عشرت ۾ خوش آهيون.
Comments
Post a Comment